جـيـن جـيـڪس روسـو

جـيـن جـيـڪس روسـو

جـيـن جـيـڪس روسـو

جـيـن جـيـڪس روسـو (Jean Jacques Rousseau) : مشهور فلاسافر ۽ ’فرانس جي انقلابي ابي‘ جي خطاب سان نوازيل، جين جيڪس روسو جو جنم، 28 جون 1712ع ڌاري سوئٽزرلينڊ جي هڪ آزاد ۽ خودمختيار شهر جنيوا (Geneva) ۾ ٿيو. سندس ابا ڏاڏا اصل فرانس جا ويٺل، عيسائي مذهب جي پروٽيسٽنٽ فرقي جا هئا، ۽ پنهنجي اعتقادن سبب ئي فرانس مان تڙجي جنيوا شهر ۾ هجرت ڪري اچي ويٺا. جين جيڪس روسو جي والد جو نالو آئزڪ روسو ۽ ماءُ جو نالو سوزن برنارڊ هو. سندس پيءُ جو موروثي ڌنڌو گهڙي سازيءَ جو هو، ۽ سندس ماءُ هڪ وزير جي ڌيءَ هئي. پنهنجي والدين جي ننڍپڻ جي باهمي سڪ ۽ پيار جو داستان ۽ عشق و محبت جي شاديءَ جو احوال روسو، پنهنجي ڪتاب ’اعتراف نامي‘ (Confessions) جي اوائلي صفحن ۾ نهايت دل آويز نموني ۾ بيان ڪيو آهي. هن ڄاڻايو آهي ته سندس ماءُ کيس جنم ڏئي جڏهن اوچتو وفات ڪري وئي، تڏهن باقي سموري عمر سندس پيءُ انهيءَ ناگهاني فراق جي صدمي جو ذميوار کيس (جين جيڪس روسو کي) سمجهندو هو. روسو اڃا ڏهن سالن جو هو ته سندس والد کي به ابن ڏاڏن وانگر ملڪ نيڪالي ڏني وئي، خود روسو کي به 16 سالن جي عمر ۾ 1728ع ڌاري جنيوا ڇڏڻي پئي.
روسو جو دلي لاڙو اُستاد ٿيڻ طرف هو. 1735ع ۾ جڏهون 23 سالن جو هو ته پيءُ کي خط لکي اهڙو اظهار ڪيائين. 1740ع کان 1741ع تائين ليان (Lyon) شهر ۾ ۽ ان بعد 1743ع ۾ پئرس ۾ اُستاد ٿيو، پر ان تجربي مان کيس ڪا نمايان ڪاميابي حاصل نه ٿي. ان هوندي به هن 1740ع ۾ پنهنجا تعليمي خيال هڪ تجويز جي صورت ۾ قلمبند ڪيا، جن ۾ سندس ڪتاب ’ايميليءَ‘ ۾ 20 سال پوءِ، هن جيڪي تعليمي اصول 50 ورهين جي ڄمار ۾ ويهي بيان ڪيا، تن جي صاف جهلڪ نظر اچي ٿي.
1749ع جي اونهاري جي موسم ۾ هن جي زندگيءَ ۾ هڪ غير معمولي واقعو پيش آيو، جنهن سندس زندگيءَ جي ڪايا پلٽي ڇڏي.
روسو هڪ دوست ڊڊرٽ (Didort) سان ملاقات لاءِ گهران پنڌ نڪتو، جيڪو لاڪ اپ ۾ بند هو. واٽ تي هڪ رسالي جا ورق ورائيندي هن جي نظر ’ڊجون جي درسگاهه‘ (Academy of Dijon) طرفان ڇپيل هڪ اشتهار تي پئي، جنهن ۾ هيٺئين موضوع تي بهترين مضمون لکڻ واري کي انعام جي آڇ ڪئي وئي هئي:
"Whether or not the Arts and Sciences were beneficial to human society or not?"
[ڇا علم ۽ فن انساني سماج لاءِ فائديمند آهن؟]
هن آڇ، روسو جي ذهن ۾ بجليءَ وارا چمڪاٽ پيدا ڪري وڌا ۽ هن مضمون لکي، پاڻ کي هڪ نئين دنيا ۾ محسوس ڪيو. ان مضمون تي کيس انعام ته مليو، پر هن تي حقيقي علم جي بحر جا ڄڻ ته دروازا کلي پيا. ان واقعي کان پوءِ لڳاتار 15 سال روسو، پنهنجي قلم سان پنهنجي همعصر دور جي ذهن ۽ خيال کي ايڏو ته لوڏيو، ڊاٺو ۽ ٺاهيو، جو ان کان پوءِ اهو دور وري ساڳيو دور نه رهيو. سياسيات، اخلاقيات، تعليم، نفسيات ۽ ادب جو نئون دور، پهريائين يورپ ۾، ۽ يورپ کان پوءِ هڪدم ساريءَ دنيا ۾ پکڙجڻ شروع ٿيو.
هن کي ’ٿريسي‘ نالي هڪ ڇوڪريءَ سان عشق ٿيو جنهن مان هن کي پنج ناجائز ٻار ڄاوا. هن انهن پنجن ئي ٻارن کي يتيم خاني ۾ داخل ڪرايو ۽ آخر 56 سالن جي عمر ۾ ٿريسي سان شادي ڪئي.
ان بعد مسلسل فڪر، مشاهدن ۽ تجربن مان هن جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو، ان جو نچوڙ پنهنجن ٻن ڪتاب ’سماجي معاهدو‘ (Social Contract) ۽ ’ايميلي عرف تعليم‘ (Emile) جي صورت ۾ دنيا جي اڳيان، ٽن سالن جي لاڳيتيءَ محنت سان ساڳئي وقت لکي، 1762ع ۾ پيش ڪيو. هنن ٻنهي ڪتابن ۾ روسو جيڪي اصول بيان ڪيا آهن، تن جو بنياد انسان جي فطرتي مساوات، اخوت ۽ حريت تي بيٺل آهي. هي ٻئي ڪتاب روسو جي قلم جا بهترين شاهڪار آهن. ارڙهين صديءَ جي انقلابي دور جا هي ٻئي ڪتاب پيشرو هئا.
هنن ٻنهي ڪتابن کي پبلشرن وٽ پهچڻ سان ئي باهه ۾ ساڙڻ جي فتويٰ صادر ڪئي وئي. ’ايميلي‘ 1760 ع ۾ لکجي پورو ٿيو 1762ع ۾ ’سماجي معاهدو‘ سان گڏ هالينڊ (Holland) ۾ جڏهن ڇپجي پڌرو ٿيو ته فرينچ پارليامينٽ ان کي قانون خلاف چئي ضبط ڪيو، ۽ پئرس ۾ سرڪاري طور ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت (Palais de Justice) جي ڏاڪڻ هيٺيان ساڙيو ويو ۽ اعلان ڪيو ويو ته ”فقط ڪتاب کي ساڙڻ ڪافي نه آهي، پر ان سان گڏ مصنف کي به جيئري جلايو وڃي.“
فرينچ پارليامينٽ نيٺ روسو کي جلاوطن ڪيو. فرانس کان جلاوطن ٿي سوئٽزرلينڊ پهتو، پر اتي به هن جي مخالفت جاري رهي. نائين ڏينهن کان پوءِ سندس ڪتاب ’ايميليءَ‘ کي به سر عام ساڙيو ويو.
اهڙي طرح جهالت ۽ اوندهه جي علمبردارن جي عداوت کان ڊڄندي، لڪندي ۽ ڀڄندي، روسو اخر پرشيا (Prussia) جي هڪ آزاد خيال گورنر لارڊ ڪيٿ (Lord Keith) وٽ اچي پناهه ورتي، جتي اڍائي سال سلامتيءَ سان گذاريائين. جيئن ئي لارڊ ڪيٿ کي ٻئي صوبي ڏانهن بدلي ڪيو ويو ته فوراً پادرين روسو تي ’مسيح دشمن‘ (Anti Christ) جي فتويٰ لاڳو ڪري مٿس ديولن جا دروازا بند ڪيا. سرڪاري ۽ پادرين جي پروپيگنڊا سبب هن کي جتي به ڏٺو ويندو هو، ٻار، نوجوان، عورتون ۽ ٻُڍا مٿس پٿرن جا وسڪارا لائي ڏيندا هئا.
1765ع ۾ سندس گهر تي رات جو حملو ڪيو ويو ۽ روسو ڀڄي وڃي سوئٽزرلينڊ پهتو. اتان جي حڪومت پڻ سندس ملڪ نيڪالي ۽ گرفتاريءَ جو حڪم ڪڍيو، نتيجي طور پنهنجو نالو بدلائي، هڪ روپوش گنهگار وانگر، پرئس مان ٿيندو، مشهور انگريز مورخ ڊئوڊ هيوم (David Hume) وٽ انگلنڊ ۾ وڃي ڪجهه عرصو ترسيو. هتي به کيس آرام سان ويهڻ نه ڏنو ويو. 1767ع جي مئي مهيني ۾ وري موٽي فرانس آيو ۽ بيوس ۽ ڪمزور جانور وانگر هڪ هنڌان ٻئي هنڌ رلندو، لڪندو، ڀڄندو رهيو. آخرڪار کيس پئرس ۾ موٽي اچڻ جي اجازت ملي، جتي هڪ مسواڙي غريباڻي گهر ۾ زندگيءَ جا آخري ڏينهن گذارڻ شروع ئي مس ڪيائين ته سماجي جلادن ۽ جاسوسن مٿس وري اچي وارو وار شروع ڪئي. ان بيڪسيءَ واري صورتحال ۾ هن هڪ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو. ’روسو جي جين جئڪس کان آڏي پُڇا‘، جنهن ۾ هن پنهنجي شخصيت جي بي ريا ڇنڊڇاڻ نهايت لطيف پيرايي ۾ ڪئي. ڪتاب پوري ڪرڻ بعد هن چاهيو ته پئرس جي وڏيءَ ديول ناٽرڊم (Notredame) جي منبر تي وڃي عرض رکي، پر ناٽرڊم جا دروازا به مٿس بند ڪيا ويا.
20 مئي 1778ع ۾ جڏهن روسو کي زندگيءَ جا ڪي چند هفتا باقي هن فاني دنيا ۾ گذارڻا هئا، تڏهن کيس هڪ نيڪ دل دولتمند شخص ايم. ڊي. جروڊي (M. de Girardi) وٺي وڃي پنهنجي عاليشان محل ۾ رهايو، جتي هن زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا مسرت ۽ اطمينان سان گذاريا.
2 جولاءِ 1778ع تي خميس جي ڏينهن جين جئڪس روسو زندگيءَ جا آخري ساهه کنيا ۽ هن دنيا کي الوداع ڪيو.
روسو جي ايڏي مخالفت جي باوجود، خود سندس زندگيءَ ۾ سندس جملي تصنيفن جا ڇهه ڇاپا ظاهر ٿي چڪا هئا. 1780ع کان فرانس جي ماڻهن پنهنجن بادشاهن، راڻين ۽ شهزادن سميت هن ’مجذوب مفڪر‘ جي قبر جون زيارتون ڪرڻ شروع ڪيون. اهي سموار نوجوان اسڪالر ۽ مجاهد، جي اڳتي هلي 1779ع ۾ ۽ ان کان پوءِ فرينچ انقلاب جا رهنما بنجڻا هئا، هڪٻئي سان هزارين اختلاف هوندي به روسو جا هڪجهڙا معتقد هئا. 7 مئي 1794ع تي فرينچ انقلابين طرفان فرينچ پارليامينٽ ۾ روسو کي ’بني نوع انسان جو اُستاد‘ ۽ انقلاب جو پهريون داعي سڏيو ويو.
100 سال پوءِ، روس جي مشهور مفڪر ٽالسٽاءِ تي روسو جي تعليم ايترو ته اثر وڌو، جو هو نوجوانيءَ واري دور ۾، سندس جو لاڪيٽ تائٿ طور پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي گهمندو هو.
روسو (Rousseau) جي ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
(1) La Nouvella He loise (1761), (2) Emile (1762), (3) The Social Contract (1762), (4) Confessions (1770)


هن صفحي کي شيئر ڪريو